پار پپر

پار پپر: هن وڻ کي انگريزي ۾ Partia Tree، لاطيني ۾ Thespisia Populnea، سنسڪرت ۾ پاريک، گجراتيءَ ۾ پارش پيپلو، هنديءَ ۾ پارس پيپل، بنگالي ۾ پراش گج ۽ پنجابيءَ ۾ پهاڙي پيپل چئبو آهي. هن جي آڪهه Malvaceae آهي.
هي پپر جي وڻ جهڙو، پر پن ان کان وڏا ٿورا چهنب دار هوندا آهن. هن جو ڦل به پپر کان وڏو هوندو آهي. پن ساڍا ست کان پندرنهن سينٽي ميٽر ڊگھا هوندا آهن. پن ۾ پنج کان ست نسن وانگر ڌاريون هونديون اٿس. نرسري ۾ هن جا ننڍا ٻوٽا عام جام ملن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو